father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

32
qwertyuiopasdfghjklzxcvbnmq wertyuiopasdfghjklzxcvbnmqw ertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwe rtyuiopasdfghjklzxcvbnmqwer tyuiopasdfghjklzxcvbnmqwert yuiopasdfghjklzxcvbnmqwerty uiopasdfghjklzxcvbnmqwertyu iopasdfghjklzxcvbnmqwertyui opasdfghjklzxcvbnmqnmqwerty uiopasdfghjklzxcvbnmqwertyu iopasdfghjklzxcvbnmqwertyui opasklzxcvbnmqwertyuiopasdf ghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfg hjklzxcvbnmqwertyuiopasdfgh و بَ و ا ج ڪ اٽ ن ي ڍ ن ن ي ڍ ن س: رام ها گ ن م ر س ي ف رو% پ ي( ڻ لڪا م- ج- ون2014 ر% پ5 ڄ م را س ا9 مڍ ف ح م

Upload: qasim-rajpar

Post on 27-Jul-2015

79 views

Category:

Entertainment & Humor


10 download

TRANSCRIPT

Page 1: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

qwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnmqwertyuiopasdfghjklzxcvbnm

�بو پروفيسر: سنڌي ننڍي ناٽڪ جو امنگها رام ملڪاڻي

2014ون ج

راڄپر قاسم محمد

Page 2: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

�بو پروفيسر منگها رام ملڪاڻي: سنڌي ننڍي ناٽڪ جو ا

محمد قاسم راڄپر

Abstract :Prof. Mangharam Malkani was a towering and fatherly figure of Sindhi literature of the 20th Century. Socially he had a ‘landlord’ background, but the love of his language attracted him to literature. He abandoned his ancestral vocation and adopted noble profession of teaching. He took up a job of a lecturer in English at the D.J. Sindh College, Karachi. This provided him time and opportunity to take to writing

He was the pioneer of modern Sindhi “One act plays”; in 1923, Prof. Malkani and his friend Khanchand Daryani had established the Rabindra Literary and Dramatic Club in Sindh, inaugurated by the Great Poet Tagore himself. Prof. Malkani’s own writing included 34 one-act plays and four full-length plays, leading to the appellation ‘The Grand Old Man of Sindhi Plays”. He also directed them, and acted on stage. In 1933, he played the lead role in a Hindi film, “Insan Ya Shaitan” opposite Jadan Bai, mother of the well-known actress Nargis.

After partition of subcontinent Prof Malkani migrated to India. He started literary classes run by the Sindhi Sahit Mandal for fourteen years (1949 – 1962) in Bombay. Where, poets and short story writers would gather to present their writings for evaluation, and the constructive criticism, it is said, led to a new lease of life for the Sindhi language and literature, helping the young writers to come to grips with the changed situation after Partition.

Prof Malkani also led a delegation of Sindhi writers to Asian Writer’s Conference in 1956, in New Delhi. On this occasion, he impressed upon Dr Rajendra Prasad, the first President of India, that Sindhi Language should be recognized in the 8th Schedule of the Constitution, to be ranked equally among the other fourteen languages of India. This pioneering effort culminated into the Sindhi language getting its due recognition on April 10, 1967.

His profession was that of a teacher; in Karachi, he was professor of English and Sindhi in D.J. Sindh College and after Partition, he continued teaching at Jai Hind College till 1962, when he retired.

Prof Malkani received the Sahita Academy Award in 1969 for his book “Sindhi Nasar Ji Tarikh” (History of Sindhi Prose). He was also nominated ‘Fellow’ of Sahita Academy in 1972, the only Sindhi writer thus honored so far.

۽ناٽڪ اسان جي حقيقي زندگيء� جي گهڻو ويجهو آهي. انساني زندگي سماج۽سان ان جو گهرو ناتو آهي. ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ناٽڪ ج?و اث??ر ت??يز دي??ر ۾۾تائين رهڻ وارو آهي. شاعري، ڪهاڻي ناول پڙهندڙن جي ذهنن هڪ تص??ور پيش ۽

2

Page 3: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

۽ڪندا آهن. پر ن??اٽڪ لفظن، ڪ??ردارن پوش??اڪ، ٺاه??ه ٺوه??ه منظ??ر ڪش??يء� س??ان ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگيء� جي ويجه??و آڻي ڇ??ڏي ٿ??و. ” ن??اٽڪ اس??ٽيج، ۽ريڊيو ٽي ويء� تي ڪري ڏيکارڻ الءg لکيو ويندو آهي. يعني ناٽڪ جي ڪهاڻي عملي ۾صورت اختيار ڪري ٿي. جنهن ڪردار پنهنجو ملي??ل پ??ارٽ ادا ڪ??ري ڏيک??ارين ٿ??ا.، اس??ان جي دل تي اث??ر وڌيڪ ۾انهيء� ڪري ناٽڪ جو شعر، ڪهاڻي ناول جي ڀيٽ ۽

1۽ٿئي ٿو. ناٽڪ پڙهيل اڻ پڙهيل ٻنهي الءg وندر ميسر ڪري ٿو“.

س??نڌيء� جدي??د ن??اٽڪ نويس??يء� جي ش??روعات انگري??زن جي دؤر ک??ان ٿي.۾ع ام??ام بخش خ??ادم په??رئين س??نڌي ن??اٽڪ ’ه??ير رانجه??و‘ ج??و مس??ودو )1879

Script۽(لکيو. جيڪو نه اسٽيج تي اچي ڊرامي جي صورت اختيار ڪري س??گهيو ن??ه ۾وري شايع ٿي مطالعاتي ناٽڪ بڻجي سگهيو. سنڌيء� جيڪ??و پهري??ون ن??اٽڪ ش??ايع ۽ٿي سگهيو، اهو مرزا قليچ بي??گ ج?و لکي??ل ’ ليلي� مجن??ون‘ ه?و س??کر واري ماس??تر هري سنگهه شايع ڪرائي پڌرو ڪيو. اهو ناٽڪ هندستاني ن??اٽڪ ’ليلي مجن??ون‘ ج??و ۾ترجمو هو. مرزا قليچ بيگ س??نڌيء� س??ڀ ک??ان وڌيڪ وڏا ن??اٽڪ لکي، س??نڌي وڏي ۾ناٽڪ پختو بنياد فراهم ڪري چڏيو. مرزا صاحب سنڌي ٻوليء� بي شمار وڏا توڙي�لٿو ترجمو ڪري، سنڌي ادب جي هن اهم ترين ص??نف کي م??اال ۽ننڍا ناٽڪ تخليق، ا

مال ڪيو.

۾مرزا قليچ بيگ کانپوءg هن ميدان ڪوڙي م??ل چن??دن م??ل پ??ير پ??اتو، س??ندس ع تي رتن1888پهريون ناٽڪ ’ رتنا ولي‘ سنسڪرت ن?اٽڪ ج?و ترجم?و ه?و. جيڪ?و

۾ساهت منڊل پاران شايع ڪرايو ويو. ايستائين سنڌ ڪابه ناٽڪ منڊلي برپ??ا ن??ه ٿي ۾ع ڊي جي س??نڌ ڪ??اليج ن??اٽڪ من??ڊليء� جي قي??ام بع??د س??نڌي ن??اٽڪ1894ه??ئي.

مطالعاتي ناٽڪ مان ڦري حقيقي ناٽڪ جو روپ ڌاريو. ڇوته ”جيستائين ڪوبه ناٽڪ 2( آهي“. Scriptاسٽيج تي پيش نه ٿو ٿئي، تيستائين اهو فقط ڊرامي جو مسودو )

( تي پهري??ون ن??اٽڪ ماس??تر ڄيٺانن??د کلڻ??داسStage۾س??نڌيء� رن??گ منچ ) ڀريائيء� جو ’ نل دمينتي‘ آي??و. جيڪ??و ڊي جي س??نڌ ڪ??اليج ن??اٽڪ من??ڊلي ڪ??راچيء�

۾ع پيش ڪيو ويو. سنڌيء� پهريون اصلوڪو ناٽڪ مرزا قليچ بيگ ج??و1894پاران ۾ لکيل ’ بڪاولي‘ هو، جيڪو ساڳئي سال ماستر هري سنگهه سکر مان ش??ايع ڪي??و. اهو به صرف مطالعاتي ناٽڪ هو، جو اس??ٽيج تي ن??ه اچي س??گهيو. س??نڌيء� م نن??ڍي

ع1895( جو باني به مرزا قليچ بيگ آهي. جنهن One Act Playناٽڪ يا ايڪانڪي )۽ ’ لوڀي ٺوڳي‘ لکيو. سندس اهو پهريون ناٽڪ ه?و، جيڪ?و رن??گ منچ تي آي??و ڊي ۽ ۾

جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليء� پاران ڏيکاريو ويو.

115ع، ص. 1998لڇاڻي جڳديش، ساهتيه جي پرک، ويڻا پبليڪيشن، 1121ساڳيو، ص. 2

3

Page 4: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

چاليهن س??النع تائين وڏن ناٽڪن جو عروج رهيو.1920ع کان 1880۾سنڌ �لٿي جو زور رهي??و اتي جي ان مدي دوران جتي ٻين ٻولين جي ناٽڪن جي ترجمي، ا

۾ع کان سنڌيء� اصلوڪن ناٽڪن جو زور وڌيو. اهو دؤر حقيقت نگاريء� وارن1920۽ناٽڪن جو هو. جنهن تنهن دؤر جي سماجي خرابين ڏاڍاين کي وائکو ڪي??و وي??و، ۾ پر انهنجي خالف وڙهڻ، منهن مقابل ٿيڻ سان گڏ بنيادي انساني حقن جي حف??اظت

ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ننڍا ناٽڪ شايع ٿي?ا ي?ا منچ تي آي?االءg ڪردار خلقيا ويا.نه ته ان کان ۾نه ته سڀ وڏا ناٽڪ ڏيکاريا ويا يا شايع ٿيا. ان زماني نن??ڍا ن??اٽڪ ليال رام س??نگهه، ڪوڙي مل چندن مل، ڏيئو مل گاگن سنگهه آڏواڻي،لعل چند امر ڏنو مل، ڪش??نچند بيوس، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، چانڊو مل کتري، ديوان ٺاڪرداس، خانچند دري??اڻي۽ ليال رام ماکيجاڻي ٻين ناٽڪ نويسن جا لکيل هئا، سندن لکيل ننڍا ناٽڪ مقبول ٿيا ۽ ته وڏي ناٽڪ جو زور ٽٽندو ويو. پر تنهن هوندي به مرزا قليچ بيگ اصلوڪا وڏا ن??اٽڪ تخليق ڪندو رهيو. حقيقت پس??نديء� واري دؤر جي ش??روعات ت??ه ڪش??نچند بي??وس۾الڙڪاڻي کان ڪئي، پر پوءg حيدرآباد ڪراچيء� خانچند دري??اڻيء� ج??ا لکي??ل حقيقت ۽

نگاريء� وارا ناٽڪ وڌيڪ مقبول ٿيا.

انهن ٻنهي ناٽڪ نويسن کانسواءg جن ناٽڪ نويسن جا منچ تي آيل گهڻا ناٽڪ ” کالئيندڙ چهچٽا“ هوندا هئا. جيڪي گهڻو ڪري وڏن ناٽڪن کان اڳ ي??ا وچ تي ڏيکاري??ا ۾وين??دا هئ??ا. ج??يئن ڏس??ندڙ کgلي کgلي گه??ر واپس وڃن. ” اه??ڙن ن??اٽڪن گهڻ??و زور مسخريء� تي ڏنل هوندو هو. حقيقتن کي وڌائي، مب??الغي ک??ان ڪم وٺي م??ذاق پي??دا۽ڪبو هو. جن واقعن، ڪردارن نظارن جو صرفو ڪون??ه ٿي??ل هون??دو ه?و. ه?ر ه?ر ۾ ۾پردا الهڻا چاڙهڻا پوندا هئا. ... اهڙا تمام ٿورا ناٽڪ هئا، جن ڳنڀير نوع زن??دگيء� کي۾حقيقت نگاريء� سان پيش ڪيو ويو ساڀيا جيوت جي مس??ئلن کي س??لجهائڻ جي ۽

3ڪوشش ڪئي وئي“.

۾ع سنڌي ننڍي ناٽڪ به نئين روپ سامهون آيو. جنهن کي يڪ فصلو1930 ۾ ۽يا ايڪانڪي طور سڃاتو ويو. سنڌي ننڍي ناٽڪ جو اه?و روپ هن?ديء� جي يڪب?ابي

Oneانگري??زيء� جي ) Act Play)جه??ڙو ئي ه??و. ف??ني ت??وڙي عملي ح??والي س??ان حقيقت جي گهڻو ويجهو ه?و. ان ن?ئين ان?داز ج?و ب?اني منگه?ا رام ملڪ?اڻي ه?و. هن

Oneسنڌي ننڍي ناٽڪ / ايڪانڪي ) act Playکي جيڪو عروج ڏن??و، اه??و ڪنهن ) ٻئي جي حصي نه آيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيء� جي ادبي خدمتن جو ذڪر ڪرڻ

کان اڳ سندس حياتيء� جو احوال ڏجي ٿو.

: حياتيء� جو احوال

۽پرڪاش پريم، سنڌي ناٽڪ )ورهاڱي بعد سنڌي ناٽڪ رنگ منچ جي چڪاس، اؤسر سمالوچنا(، سنڌي ڊراما 3 ۽ 358ع. ص. 2004ورڪشاپ احمد آباد،

4

Page 5: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

۾ع حي??درآباد س??نڌ 1896 ڊسمبر 24پروفيسر منگها رام ملڪاڻيء� جو جنم ۾�ڌارام شيوڪرام خدا آبادي عام?ل زمين?دار ه?و. حي?درآباد ج?ا خ?دا ٿيو. سندس پيء� ا آبادي عامل هن شهر جو پايو وجهندڙن مان هئا. سنڌ جي هندن جي تاريخ لکندڙ ڀير

۾ حي??درآباد ملڪ??اڻينمل مهر چند آڏواڻي سندس حس??ب نس??ب ب??ابت لکي ٿ??و ت??ه” جون ٻه آڪهيون آهن. هڪڙن ملڪاڻين جي نک اروڙا آهي. جي رائچند ملڪاڻيء� جو ۾اوالد آهن. ٻي نک درڙي آهي. حيدرآباد سندن عالئق?و ملڪ?اڻي گه?ٽي س?ڏجي ٿ?و.

4درڙي نک، وارن ملڪاڻين جو وڏو ڏاڏو ’ملڪ مل‘ هو“.

دي??وان ص??احبراءg ج??و پٽ منش??يمنگها رام ملڪاڻيء� جي ڏاڏاڻي خاندان مان ۾ع ج?ڏهن س?ر1843آواتراءg ملڪ?اڻي، م?ير ص?وبدار خ?ان ج?و مالي?اتي وزي?ر ه?و.

۾چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي. تنهن وقت ميرن جو خزانو حيدرآباد واري قلعي ه??و ۽ خزاني جون چاٻيون منشي آوتراءg وٽ هي??ون. ” انهيء� س??بب س??ر چ??ارلس نيپي??ئر ملڪاڻي گهٽيء� به ويو هو. هن منشي آوتراءg ک??ان ڪنجي??ون گهري??ون پ??ر هن انڪ??ار ڪيو ته هو ميرن جي حڪمن کانسواءg چاٻيون سندس حوالي نه ڪندو. جنهن تي هو واپس هليو ويو. آواتراءg ميرن کي ايترو ته ويجه??و ه??و ، ج??و کيس م??يرن جي گه??رن

5جي ڏيڍيء� وٽ بيهڻ جي اجازت هوندي هئي“.

منشي آواتراءg م??يرن جي ص??احبيء� ک??انپوءg چ??ارلس جي زور ڀ??رڻ تي کيس ۾حڪومتي معاملن صالحون ڏنيون هيون. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي اڳ??تي هلي لکي ٿو ته ” انهيء� خاندان جي گدو مل جو فرزند ديوان مولچند آهي.مولچند کي ٻ??ه پٽ ۽ديوان هر راءg ديوان ميارام، جنهن جو فرزند ديوان ڪشنچند هو. ان جو پٽ دي??وان

ع1869شيوڪ رام ڪشنچند هو. ديوان شيوڪ رام جو مربي فرزن??د دي??وان اڌارام ۾ڌاري ڄائو هو. مئٽرڪ پاس ڪري، ميڊيڪل گهڙيو، مگر تندرس??تي ن??ه هئڻ س??بب

۾ع ديه??انت ڪ??ري وي??و. کيس ٽي پٽ1928س??گهو ئي پ??ڙهڻ ڇ??ڏي ڏن??ائين.ه??و �ڌا رام ملڪاڻي، عالمچند موتيرام آهن. ٻيا ٻئي ڀائر زمين??داري س??نڀاليندا ۽منگهارام ا

6آهن“.

منگهارام ملڪاڻيء� ج??و تعل??ق حي??درآبادي ع??املن جي انته??ائي پڙهي??ل لکي??ل خاندان سان هو. سندس سئوٽ ڊاڪٽر کيمچند هو، جيڪ??و بمب??ئي يونيورس??ٽيء� ج??و

۾ع حي??درآباد اکين جي خ??يراتي اس??پتال1903رجس??ٽرڊ اکين ج??و ڊاڪ??ٽر ه??و.هن ۾۾کولي، جنهن تنهن دؤر بيمارن کي رهائڻ جو به بندوبست ٿيل هوندو ه??و. نن??ڍي ۾ کنڊ جو مشهور هدايتڪار موتيرام بي گدواڻي سندس سئوٽg شريمتي ڌني ٻائي ج??و۾پٽ هو. جنهن فلمس??ازيء� جي تعليم واليت م??ان ورتي ه??ئي. هن ش??روع اله??ور ۾

430ص. 2006روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند، سنڌ جي هندن جي تاريخ، 4430ساڳيو. ص. 5435ساڳيو. ص. 6

5

Page 6: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

ک??ان20۾ڪجهه فلمن جي هدايتڪاري ڪئي. پ??ر بع??د بمب??ئي هلي??و وي??و. ج??تي هن وڌيڪ فلم??ون ٺ??اهيون. جنهن هڪ فلم خانچن??د دري??اڻيء� جي س??نڌي اس??ٽيج ن??اٽڪ ’ انسان ڪي شيطان‘ تان ترجمو ڪري ’ انسان ي??ا ش??يطان‘ جي ن??الي س??ان ٺ??اهي ۾هئي. ان فلم هيرو جو ڪردار منگهارام ملڪ?اڻيء� ڪي?و ه?و، ج?ڏهن ت?ه اداڪ?اره۾نرگس جي والده سنجي دت جي ناني ”جدن ٻ??ائي“ ب??ه ه??ئي. ان فلم س??نڌ جي ۽ مشهور مسخري ” گوپ ڪمالڻيء�“ اداڪاري ڪئي هئي. جنهن بع??د هن ب??ه هميش??ه

الءg بمبئي وڃي وسائي.

�ڌارام ملڪاڻي روشن خيال شخص هو. منگهارام منگهارام ملڪاڻيء� جو پيء� ا ۾اسڪولي تعليم گورنمينٽ هاءg اس??ڪول ورتي. منگه??ا رام ملڪ??اڻي س??نڌ جي هڪ وڏي استاد غالم علي نانا جو شاگرد هو، جنهن وٽ هو ٻي??ون درج??و پڙهي??و، س??ندس ۽شخصيت کي متاثر ڪندڙ ٻيو استاد وليرام آئل مل ٿڌاڻي هو، جنهن وٽ هو چوٿون ۽ڇهون درجو پڙهيو ه??و. خان??داني تعل??ق هئڻ س??بب س??اڌو هيرانن??د ڏي??ارام گ??دومل

۾سندس ٻن پڦين کي انگريزي سنس??ڪرت پڙه??ائڻ الءg گه??ر اين??دا هئ??ا. س??ندس7۽خاندان جو ويجهو تعلق ديوان ڪوڙي مل سان به هو .

۽”منگهارام جڏهن اڃا ڇهين درجي ه??و ت??ه کيس ن??اٽڪن ڳ??ائڻ اداڪ??اري ۾ ۾ ۾ڪرڻ جو موقعو ملي??و. ه??و بمب??ئي يونيورس??ٽي پ??اران ورت??ل مئ??ٽرڪ جي امتح??ان

۾سڄي سنڌ اندر چوٿون نمبر آي??و پنهنجي اس??ڪول پهري??ون نم??بر بيٺ??و، جنهن تي ۽ ڪت??اب خري??د ڪ??ري اچي پنهنجي17 رپيا انعام مليو. انهن پئسن مان هن 25کيس

۾گهر الئبريري ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. منگه??ارام ڪ??راچيء� اچي ڊي جي س??نڌ ۾۾ڪاليج داخال ورتي. هو ڪاليج تعليم سان گڏ ڊبيٽنگ، راڳ، ناٽڪ، ادب ران??دين ۽ ۾ ۾

8سرگرميء� سان حصو وٺندو رهيو“.

۾ملڪاڻي صاحب، مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ب??دي“ زن??انو ڪ??ردار ادا ۽ ۾ڪي??و ه??و. س??ندس ش??ادي ڪ??اليج پڙه??ائي دوران پيء� جي زور ڀ??رڻ تي ٿي. هن

۾ع بي اي جو امتحان پاس ڪيو. سندس خانداني زمينداري ٽنڊي محمد خ?ان1919 ۾ هئي. پنهنجي پيء� جي ضعيف عمر سبب هن زمينداري سنڀالي. هن چار پنج سال

زمينداري ڪئي.

۽منگهارام ملڪاڻيء� جي علمي، ادبي خاص طور تي ناٽڪن س??ان دلچس??پيء�۾سبب کيس پهريائين ڊي جي سنڌ ڪاليج انگريزي فيلو ڪري رکيو وي??و. ان ڏس ۾

شوڪت حسين شوري لکيو آهي ته منگهارام جڏهن پنهنجي ٻ??نين تي ه??و ت??ه کيس ڊي جي سنڌ ڪاليج جي پرنسپل شهاڻي جو نياپو مليو ته ڪ??راچيء� اچ ت??ه انگري??زي فيلو ڪ??ري رک??انءg. پيء� س??ندس مرض??ي ڏس??ي، کيس موڪ??ل ڏني. منگه??ارام کي

436ساڳيو. ص. 74ع، ص. 2011 مارچ 25شورو شوڪت حسين، روزاني ڪاوش حيدرآباد، 8

6

Page 7: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

۽هاسٽل جو وارڊن به ڪري رکيو ويو. اڳتي هلي ليڪچرار پوءg )نائب( پروفيسر ٿيو. ۽هاڻي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي سڏجڻ لڳو. دادا جشن واسواڻي پروفيسر احم?د

9علي خواجه )مشهور ليکڪ خيرالنساء� جعفري جو والد( سندس شاگرد هئا“.

پروفيسر منگها رام ملڪاڻيء� جو مضمون انگريزي هو. جيڪو ڊي جي ڪاليج�تي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لعل چند امر ڏنو مل سنڌيء� ۽ پڙهائيندو به هو. تڏهن ا ۾ ۽جا استاد هئا. پر ”سنڌي ٻوليء� سان لڳاء� سندس ادبي پورهئي کي ڏس??ي ڊي جي ڪاليج جي پرنسپال بٽاڻيء� کيس انگر يزيء� س?ان گ?ڏ س?نڌيء� ج?و ن?ائب پروفيس?ر

10مقرر ڪيو“.

۽ورهاڱي کانپوءg پروفيسر ملڪاڻي پنهنجن ٻن پٽن هڪ ڌيء� س??ان گ??ڏ بمب??ئي۽لڏي آيو. اتي جئه هند ڪاليج انگريزيء� جو پروفيسر شعبي جو اڳواڻ مقرر ٿيو. ۾

۽پروفيسر ملڪاڻي انڊيا سنڌي ادب س??نڌيت ۾هلچ??ل هڪ ره??بر ط??ورجي ۾ ع ک??ان ش??روع1949ڪم ڪيو. اها هلچل بمبئي جي ”سنڌي ساهت منڊل“ طرفان

۽ٿي هئي. سنڌي ساهت منڊل سنڌي ٻولي ثقافت کي جيئ??ارڻ الءg جدوجه??د ڪ??ئي. ۾هن جي رهبريء� هيٺ سنڌي ساهت منڊل سنڌي ن??اٽڪ کي ٻيه??ر جيئ??ارڻ ب??ه اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ٻوليء� کي ڀارت جي ٻين ٻولين جيان سرڪاري ٻولي تس??ليم

۾ع ايش??يا1956ڪرائڻ الءg شروعاتي جدوجهد به سنڌي ساهت منڊل ڪ??ئي ه??ئي. ۾جي ليکڪن جي ڪانفرنس جيڪا دهليء� ٿي هئي، ان سندس سرواڻيء� سنڌي ۾ ۾ ۽اديبن عالمن جي وفد ڀارت جي تڏهوڪي صدر ڊاڪٽر راجيندر پرساد سان مالقاتشامل ڪرڻ جو مطالبو ڪي??و ه??و. ۾ڪري سنڌيء� کي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊيول

۽ع تي ڀارت جي سنڌين ج??و اه??و مط??البو تس??ليم ٿي??و س??نڌي1976 اپريل 10نيٺ 13ٻولي ڀارت جي آئين جي اٺين شيڊيول جو حص??و بڻجي وئي. پروفيس??ر ملڪ??اڻي

سال ان جو صدر چونڊبو رهيو، جيستائين ه??و ڪ??اليج م??ان رٽ??ائر ڪ??ري پنهنجي پٽ ۾وٽ ڪلڪتي وڃي رهي??و. پروفيس??ر ملڪ??اڻي آخ??ري گه??ڙيء� ت??ائين س??نڌي ٻ??ولي،

۾ ورهين جي ڄم??ار په??رين ڊس??مبر84۽ثقافت ادب جي خ??دمت ڪن??دو رهي??و. هن ۾ع هن دنيا مان الڏاڻو ڪيو. 1980

ادبي خدمتون:

جيئن مٿي ذڪ??ر ٿي چڪ??و آهي ت??ه منگه??ارام ملڪ??اڻيء� ج??و تعل??ق س??نڌ جي۾پڙهيل لکيل عامل هندن جي خان??دان س??ان ه??و. تنهن دؤر حي??درآباد س??نڌ علم ، ۾ ۽ادب ثقافت جو مرڪز هون?دي ه?ئي. ملڪ?اڻي ص?احب ب?ه پنهنجي ادبي س?فر جي ۾ش??روعات حي??درآباد ک??ان ڪ??ئي. هن جي پ??رورش علمي گه??راڻي ٿي، جنهن جي مٿس تمام گهرو اثر ٿيو. سندس ره??بري م??رزا قليچ بي??گ جه??ڙي وڏي ع??الم ڪ??ئي.

.ساڳيو 914ع، ص. 2007ملڪاڻي منگها رام، سنڌي نثر جي تاريخ،سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 10

7

Page 8: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

۽”هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٽئگور جي ش??اعريء� کي پ??ڙهڻ ت??رجمي ڪ?رڻ ج?و ۽ ۾ڪم شروع ڪيو. ش?اهه جي رس?الي م?ان ڪجه?ه بيت چون?ڊي انگري?زيء� ترجم?و ۽ڪيائين اهي کڻي وڃي مرزا قليچ بيگ کي نظرثانيء� ڪرڻ الءg ڏنائين. مرزا صاحب

هن ٽئگور جي ڪتاب”گ??ارڊنر“ج??و ترجم??و11اهو ترجمو پڙهي، کيس شاباس ڏني“.۾نظماڻي نثر ڪيو، جيڪو ”پريت جا گيت“ نالي سان سنڌيء� ڇپيو. وره??اڱي بع??د ۾

۽هن جيڪو پهريون ڪتاب لکيو، س??و ه??و ”ادبي اص??ول“ جنهن ن??ثر نظم جي مختل??ف ۾۽صنفن جا اصول سمجهايل آهن. ان کانسواءg هو ادبي تاريخ تنقيدي ليک ڪت??ابن تي ۽

تبص??را لکڻ لڳ??و. س??ندس ش??اهڪار ڪت??اب ”س??نڌي ن??ثر جي ت??اريخ“ آهي، جيڪ?و۽ع شايع ٿيو ان تي کيس ساهتيه اڪيڊمي جو انعام مليو. هي ڪتاب س??نڌي1968 ۾

۾ناٽڪ جي تاريخ تي تحقيق الءg بنيادي دستاويز آهي. ج??ڏهن ت??ه ”ڀ??ارت س??نڌي ۾ساهت جو مختصر جائزو“، ”ڀارت سنڌي ساهت جي سما لوچن??ا“، ”پڇمي ي??اترا“ ۽)سفر نامو(، ”ساهتڪارن جون سمرتيون“ ڪت??ابن ک??ان س??واءg ”ج??وانيء� ج??ا ج??ذبا

پيريء� جون يادون“ سندس نظماڻي نثر جو مجموعو آهي.

ادب سان هن جي دلچسپيء� جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ۾جڏهن ورهاڱي وقت ماڻهو جان بچائڻ پورا هئا ته هن کي پنهنجي گهر، ملڪيت ي??ا ۽ڪنهن ٻي شي جو فڪر نه هو، پر ه??و پنهنجي ڪت??ابن ادبي پوره??ئي جي حف??اظت الءg فڪرمند هو. هن کي ڪتاب ايترا ته عزيز هئا جو ه??و ، ڳوڻي??ون ڀ??رائي هندس??تان

کڻي ويو.

: ۽ناٽڪ نويسي، اداڪاري، هدايتڪاري ناٽڪ منڊلين جي سرپرستي

۽سنڌ ناٽڪ رڳو تفريح الءg نه پ??ر تعليمي اص??الحي مقص??دن الءg رچاي??ا وين??دا ۾ ۽هئا، انهن جي سرپرستي تڏهوڪا وڏا ع??الم، اديب، ڊاڪ??ٽر، پروفيس??ر، جج، اس??تاد واپ?اري ڪن?دا هئ?ا. ج?ڏهن ڊي جي ڪ?اليج ڪ?راچيء� جي ش?اگردن الءg هاس?ٽل جي ضرورت محسوس ٿي ته تڏهن هاسٽل ٺهرائي ڏيڻ وارو ڪير به نه هو. پوءg ڊي جي ۽ڪاليج جي استادن شاگردن گڏجي اها رٿ رٿي ته جيڪ??ڏهن ان مقص??د الءg ن??اٽڪ ڏيک??اري س??رنديء� وارن ک?ان رقم ڪ?ٺي ڪ?ئي وڃي ت??ه ان س??ان هاس??ٽل الءg چڱ??و

۾ع ” ڏي??ا رام ڄيٺم??ل س??نڌ1894موچارو چن??دو جم??ع ٿي س??گهي ٿ??و. ان رٿ??ا هيٺ ڪاليج ناٽڪ منڊلي“ قائم ڪئي وئي. جنهن جي سرپرستي تنهن وقت جي پرنسپال�دم ڪئي. اها ن??اٽڪ من??ڊلي ۽ڊاڪٽر جئڪسن پارسي وائيس پرنسپال بادشاهه جي ا ۾بعد ” ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليء�“ جي نالي سان مشهو ٿي.تڏهن ملڪ??اڻي

صاحب جي عمر اڃا ٻه سال مس هئي.

منگهارام ملڪاڻيء� ن??اٽڪن جي ش??روعات ش??وقيه اداڪ??ار جي حي??ثيت س??ان ۾حي??درآبادمان ڪ??ئي. تنهن دؤر م??رزا قليچ بي??گ، ماس??تر ڄيٺانن??د کلڻ??داس ڀري??ائي،

4ع، ص. 2011 مارچ 25شورو شوڪت حسين، روزاني ڪاوش حيدرآباد، 11

8

Page 9: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

ڪوڙو مل چن??دن م??ل، ليال رام س??نگهه وطڻ م??ل، ڏيئ??و م??ل گ??اگن م??ل، گاگن??داس آڏواڻي، ديوان ٺاڪر داس، لعل چند امر ڏنو مل، موٽو مل گدواڻي، ڪشنچند بيوس، جهمٽ مل ٿڌاڻي، ڀيرو م?ل مهرچن?د آڏواڻي، چان?ڊو م?ل ک?تري، ليال رام ماکيج?اڻي،

( جا وڏا ناال هئا، اهو زمانوFull length drama۽نانڪرام ڌرمداس ٻيا وڏي ناٽڪ )ع تائين جو هو. 1905ع کان 1880

ننڍي ناٽڪ جي پيڙهه به مرزا قليچ بي??گ رکي. س??ندس پهري??ون نن??ڍو ن??اٽڪ ”” ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي“ پاران رچ??ايو1895۽لوڀي ٺوڳي“ هو، جيڪو ۾ع

ويو هو. ان بعد ڪجهه ٻين ناٽڪ نويسن ننڍا ن?اٽڪ )ايڪ?انڪي( لکي?ا. پ?ر س?ڀ ک?ان ۾ع پهري??ون1919وڌيڪ ننڍا ناٽڪ خانچند ش??امداس دري??اڻيء� ج??ا مش??هور ٿي??ا. هن

ناٽڪ ” گالب جو گل“ لکيو. جيڪو ڏي??تي لي??تيء� جي خالف ه??و. س??ندس ن??اٽڪن ج??ا ۾موضوع سماجي هئا. هو منگهارام سان گڏ ڪاليج پڙهيو ه??و. دري??اڻي ص??احب جي

۾گهڻن ناٽڪن منگهارام هيرو جا ڪردار ادا ڪيا هئا.۽ خانچند منگهارام، بزرگ اديبن لعلچند امرڏنومل، ڄيٺمل پرس??رام هيرانن??د ۽

۽ع ”رابن??در ن??اٿ ل??ٽرري ڊرئمٽڪ ڪلب“1923۽آڏواڻيء� جي ساٿ سهڪار سان ۾ ۾حيدرآباد برپا ڪئي. جنهن ج?و مه?ورت رابن??در ن??اٿ ٽئگ??ور پ??اڻ پنهنجن هٿن س??ان ڪيو. منگهارام ملڪ??اڻي ان تق??ريب کي ڪامي??اب بن??ائڻ جي الءg ڏاڍي محنت ڪ??ئي.۾ٽئگور جي شاعري س??ندس ن??اٽڪ ”چ??ترا“ م??ان انگري??زيء� هڪ ڏي??ک س??ان گ??ڏ، ۽ سنڌي ٻوليء� جو سواد وٺائڻ الءg هڪ مذاقي چهچٽو )مزاحيه ايڪ??انڪي( ب??ه ش??امل ۽ڪيو ويو. رابندر ناٿ ل?ٽرري ڊرئمٽڪ ڪلب، اه?و پروگ?رام اڪي??ڊمي اس??ڪول جي ۾جيڪب هال حي??درآباد ٽئگ??ور جي آڏو پيش ڪي??و. ”منگه??ارام ملڪ??اڻيء� جي چ??وڻ موجب ٽئگور جه??ڙي اعلي� هس??تيء� جي اڳي??ان ڪلچ??رل پروگ??رام ڏيک??ارڻ الءg جگ??ر کپندو هو. پردو مٿي کڄو ته پوءg ڇا ٿيو، ان جي منگهارام کي ڪا خبر نه پ??ئي. اس??م۾پٺيان اس?م ٿين?دو رهي?و ه?ال ت?اڙين ج?و ڦهڪ?و پون?دو رهي?و. ٻ?ئي ڏينهن ڄيٺم?ل ۽ ۽پرسرام، منگهارام کي نياپو موڪليو ت??ه ٽئگ??ور توس??ان ٽهل??رام آڏواڻيء� س??ان ملڻ ۾چاهي ٿو. ٽهلرام ناٽڪ زنانو ڪردار ادا ڪيو هو. ٽئگور ٻنهي جي ڪم جي س??اراهه ۽ڪئي کين پاڻ سان گڏ نيرن ب??ه ڪ??رائي. ڪچه??ري ڪن??دي گردي??و کين چي??و ت??ه، ’ ۾اوهان جو سنڌيء� کالئيندڙ نقل به پسند پيم. ٻ??وليء� س??مجهڻ کانس?واءg ب??ه مطلب�ڪ??رو ۽سمجهي ويس خوب کليم‘. جنهن تي کيس ڄيٺمل پرسرام ٻ??ڌايو ت??ه؛ ’اه??و ٽ ۽اسان جي برک ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ’ نيڪي بدي‘ مان ورتل هو‘. ن??يرن۽ختم ٿيڻ کان پوءg ٽئگور هنن سان هٿ هٿ ڏئي ٻ??اهر ت??ائين ڇ??ڏڻ آي??و، حي??درآباد ۾ جي ماڻهن کان موڪالڻي ڪندي چي?ائين؛ ’ش?ال ن?اٽڪ من?ڊلي وڌي ويجهي، منهنجي

دني?ا جي عظيم مفڪ?ر جي وات?ان چي?ل اهي لف?ظ يقينن منگه?ارام ملڪ?اڻي جي12آسيس اٿو�.“اعلي� فن الءg سند جو درجو رکن ٿا.

ساڳيو 12

9

Page 10: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

۾ٽئگور جي هٿن سان مهورت ڪي??ل هيء� ن??اٽڪ من??ڊلي، تنهن دؤر س??نڌ جي۾ادبي ثق??افتي ت??اريخ وڏي اهميت رکن??دي ه??ئي. جنهن ۾ س??الن جي عرص??ي 15۽

ٽيهارو کن جديد حقيقت نگاريء� وارا ناٽڪ پيش ڪي?ا. منگه?ارام ملڪ?اڻي انهن م?ان ۾ڪيترن اداڪاري به ڪئي ته ڪن جي هدايتڪاري به. خانچند دري??اڻيء� جي ن??اٽڪن۾جهڙوڪ ”ملڪ جا مدبر“، ”بک جو شڪار“ ”زماني جي لهر“ هن يادگ??ار ڪ??ردار ۽

۾ع( منگه??ارام1928 )‘۽درياڻيء� جي اصلوڪي اهم ناٽڪ’ زمينداري ظلم”ادا ڪيا. هڪ پير مرد مظلوم هاريء�، دلم??راد ج??و ڪ??ردار ڪم??اليت س??ان ادا ڪي??و. خانچن??د۾درياڻي، بعد سنڌ ڇڏي بمبئي وڃي فلمي دنيا گهڙيو. خانچند درياڻي جي بمبئي ۾ ۾ وڃڻ سبب رابندر ناٿ ناٽڪ منڊلي کي وڏو نقصان رسيو. البته منگه??ارام کي فلمي

13دنيا پسند نه آئي، ان ڪري موٽي آيو“.

منگهارام ملڪاڻيء� کي ننڍي ناٽڪ سان دلچسپي خانچند درياڻيء� جي صحبت۾ وڌي، اڳتي هلي هن سنڌي ننڍي ناٽڪ کي حقيقت نگ??اري وارو جدي??د ايڪ??انڪي )

One Act Play “۾ع لکيو، جيڪو نابالڪ1927( بڻايو. هن پهريون ناٽڪ ” قسمت ۽جي ناٽڪ جو ترجمو هو. اه??و ن??اٽڪ رابن??در ن??اٿ ل??ٽرري ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪ??راچي

Melting۾ع هن زئنگول جي ناٽڪ ’1929پاران ڏيکاريو ويو. ان بعد Potجو الٿ?و ‘ ايڪتا جو آالپ‘ نالي سان ڪيو. ملڪاڻي صاحب پهري??ون اص??لوڪو س??ماجي ن??اٽڪ ’

نن??ڍا ن??اٽڪ لکي??ا، جنهن ڪ??ري کيس34۽ وڏا 4۾ع لکيو. هن 1930’کن جي خطا‘ �بي ’‘ جوThe Grand Old Man of Sindhi Playsسنڌي ننڍي ناٽڪ جي باني يا ا

اعزاز مليو. سندس ناٽڪن جو تفصيل هن ريت آهي.

رچائيندڙ يا ڇپائيندڙمختصر جائزوناٽڪ نويسناٽڪسال192

7 ۽رابندر ناٿ لٽرري ڊرئميٽڪنابالڪ جي ناٽڪ تان ورتلمنگهارام ملڪاڻيقسمت

ڪلب، ڪراچي،192

9 ۽رابندر ناٿ لٽرري ڊرئميٽڪMelting Pot زئنگول جومنگهارام ملڪاڻيايڪتا جو آالپ

ڪلب، حيدرآباد،193

0 ۽رابندر ناٿ لٽرري ڊرئميٽڪاصلوڪو سماجي ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيکن جي خطا

ڪلب، ڪراچي،193

0ڦ�لواڙي مخزن، حيدرآباد.اصلوڪو ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيپاپ جو ڪيتو

1931

سنڌ ڪاليج مسلني مخزن،اصلوڪو ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيناخلفڪراچي.

1931

سنڌ ڪاليج مسلني مخزن،اصلوڪو ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيپاپ ڪي پڃڪراچي.

1932

۽رابندر ناٿ لٽرري ڊرئميٽڪاصلوڪو گهريلو ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻياوالدڪلب، ڪراچي،

1932

سنڌ ڪاليج مسلني مخزن،اصلوڪو گهريلو ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيٻه باهيونڪراچي

1933

سمنڊ جيگجڪار

سنڌڪاليج مسلني مخزن،اصلوڪو گهريلو ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيڪراچي

ساڳيو 13

10

Page 11: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

1934

شنڪر ايميچوئرس ڊرئميٽڪاصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيميالپسنسٿا، سکر.

1934

سنڌو مخزن، شڪارپور.اصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيضعيف انسان

1935

شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊلي،اصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيٽي پارٽيڪراچي.

1935

سنڌو مخزن، شڪارپور،اصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻي۽دل دماغ

1937

۽رابندر ناٿ لٽرري ڊرئميٽڪتاريخي ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيانارڪليڪلب، ڪراچي.

1937

اي جي وي هاءg اسڪول مخزن،اصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيپريت جي ريتڪراچي.

1937

سنڌو مخزن، شڪارپور.اصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيبٽئي

1938

’پنگتي پردا‘ مجموعو. رتناصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻياڪيلي دلساهتيه منڊل، ڪراچي.

1938

’پنگتي پردا‘ مجموعو. رتناصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيٻي دلساهتيه منڊل، ڪراچي.

1938

’پنگتي پردا‘ مجموعو. رتناصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيٻه ڀينرساهتيه منڊل، ڪراچي.

1938

سنڌو مخزن، شڪارپور.اصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيماتا جي مامتا

1939

Midsummer شيڪسپيئر جومنگهارام ملڪاڻيدلسوز داستانNight’s Dream ترجمو

سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي،ڪراچي.

1939

اصلوڪو سماجي مزاحيه ننڍومنگهارام ملڪاڻيليڊيز ڪلبناٽڪ

۽رابندر ناٿ لٽرري ڊرئميٽڪڪلب،حيدرآباد.

1939

پيء� جي پاپ سبب ڀيڻ ڀاء� جومنگهارام ملڪاڻيپتا جو پاپپيار

سنڌو مخزن، شڪارپور.

1940

سنڌ ڪاليج مسلني مخزن،اصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيڪوڙي ڪلنڪڪراچي.

1940

سنڌو مخزن، شڪارپور.اصلوڪو سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيبئراج

1943

Pelleas and مئٽرلنڪ جومنگهارام ملڪاڻيشانتاMilesande

رتن ساهتيه منڊل، ڪراچي.

1967

’کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن‘ مجموعو،سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيپريم جي سيجاساهت ڌارا دهلي.

1967

’کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن‘ مجموعو،سماجي ايڪانڪيمنگهارام ملڪاڻي۾چڪڻ ڦولساهت ڌارا دهلي.

1967

’کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن‘ مجموعو،ننڍو ريڊيو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيسونهن جو نماء�ساهت ڌارا دهلي.

1967

�ٻيتا پيا �ڙک کٽمڪن

’کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن‘ مجموعو،سماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيساهت ڌارا دهلي.

1976

’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو- شوڀانسلي وڇوٽي تي ٻڏل ايڪانڪيمنگهارام ملڪاڻيپاپ جون پاڙونپبليڪيشن، بمبئي.

1976

’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو، شوڀاسماجي ننڍو ريڊيو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻي۽پيء� ڌيء�پبليڪيشن، بمبئي.

’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو- شوڀانسلي وڇوٽي تي ٻڌل ريڊيو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻيپيار ڪو پئسو197

11

Page 12: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

پبليڪيشن، بمبئي.6197

6 ’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو- شوڀافن جي قدرن تي ٻڌل ريڊيو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻي۽روپ ڪال

پبليڪيشن، بمبئي.197

6 هو گليء� جي

ڪناري ’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو- شوڀاسماجي ننڍو ناٽڪمنگهارام ملڪاڻي

پبليڪيشن، بمبئي.197

9 جي گجڪار‘مجموعو- ’سمنڊسماجي ننڍو ناٽڪمنگھارام ملڪاڻيجيون ناس

ڪونج پبليڪيشن ، بمبئي.

۾هن گهڻي گهڻا ناٽڪ سنڌ لکيا، هتي سندس ناٽڪن ج??ا ٻ??ه مجموع??ا ش??ايع ۾۾ع شايع ٿيل په?رين مجم?وعي ”پنج نن?ڍا ن?اٽڪ“ س?ندس پنج1937ٿيا. جن مان ۾

۽ناٽڪ ’پاپ ڪين پڃ‘، ’ ٻه باهيون‘، ’ ٽي پارٽي‘، ’ پ??ريت جي ريت‘ ’ بٽ??ئي‘ ش??امل۾ع شايع ٿيل سندس مجموعي ” پنگتي پردا“ هن جا چار ناٽڪ ’ لي??ڊيز1938هئا. ۾

g۽ڪلب‘، ’ اڪيلي دل‘، ’ ٻي زال‘ ’ ٻه ڀي?نر‘ ش?امل هئ?ا.ج?ڏهن ت?ه وره?اڱي ک?انپوء (. جيون چهچٽ??ا ’1سندس ناٽڪن جا پنج مجموعا شاعي ٿيا. جيڪي هن ريت آهن. )

(.4ع‘، )1967(. ک??ڙ کٻيت??ا پي??ا ٽمڪن ’3ع‘ )1960(. پ??اپ ڪين پڃ ’2ع‘، )1957 ع1943ع ک??ان 1930ع‘ . 1979(. س??منڊ جي گجڪ??ار ’5۽ع‘ )1975آخ??رين ڀيٽ ’

ناٽڪ شايع ٿيا. جڏهن ته سندس اڪ??ثر ن??اٽڪ منچ تي اين??دا24۾تائين سنڌ سندس ويا.

منگها رام ملڪاڻيء" جي ناٽڪن جو جائزو:

منگها رام ملڪاڻي شيڪسپيئر جي ان قول جو حامي هو ت?ه ’ ن?اٽڪ زن?دگيء� جي آرسي آهي‘. سندس حقيقت نگاريء� وارا ننڍا ناٽڪ نه رڳو س??ندس شخص??يت، ۽گهر ڀاتين، مٽن مائٽن دوستن يارن جي ذاتي ڪهاڻين تي مشتمل هئ??ا. جن کي هن ۾وڏي دليريء� سان ڏسندڙن آڏو پيش ڪيو. هن تخليقي معاملي ڪنهن سان ڪاب??ه رعايت نه ڪئي. سندس ناٽڪن جا گهڻا موض?وع س?ندس ڄات?ل س?ڃاتل هئڻ ڪ?ري ۽حقيقي نظر اچن ٿا. هن ذاتي، گهريلو، سماجي قومي اوڻاين کي وائکو ڪيو. ”هن

ع( هڪ وئش??يا جي موض??وع تي آهي. جيڪ??و هن1967۾ج??و ن??اٽڪ چڪڻ ڦ??ول ) ۽پنهنجي جهوني استاد دوست آئل مل ٿڌاڻيء� جي زندگيء� جي هڪ باب کان مت??اثر

14ٿي لکيو آهي“.

ع( سنڌ جي هڪ ڏاهي ماڻهو رشي ڏيا رام1938سندس ناٽڪ ’ اڪيلي دل‘ ) گدو مل جي جيوت تي طنز آهي. رشي ڏيا رام گدو مل هڪ نوجوان ڇوڪريء� جو۾پاپ لڪائڻ الءg ٻئي جو گناهه پنهنجي ڳچيء� وڌو پيريء� س??اڻس ش??ادي رچ??ائي ۽ ۾�رمال ن??الي ان نن??ڍي ني??ٽي ۾هندس??تان هلي??و وي??و. جنهن تي س??نڌ وڏو مم??ڙ م�ت??و. ا ڇوڪريء� سان شادي ڪرڻ تي سنڌ جا ماڻهو هن مها پرش تي س??خت ڪ??اوڙ هئ??ا.

منگهارام ملڪاڻي ان موضوع تي ناٽڪ لکيو.

190ع. ص. 2005، ملير آديپور ڪڇ. 6، اسان جو ادب 4کالڻي لکمي، رچنا ياترا 14

12

Page 13: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

هو پنهنجي قلم سان ڪي??ترو س??چو ه??و ان ج??و ان??دازو ان ڳاله??ه م??ان لڳ??ائي�ڌا رام شيوڪ رام جي جيون تي لکيو. سگهجي ٿو ته هن ’ بٽئي‘ ناٽڪ پنهنجي پيء� ا اهو ناٽڪ تڏهن لکيو، جڏهن هو والد سان گ??ڏ زمين??داري ڪن??دو ه??و. اه??ڙن حقيقي موضوعن تي ن??اٽڪ لکڻ پوي??ان اص?ل مقص??د س??ماجي جاڳرت??ا، اص?الح، نيڪيء� جي

۽ هن ناٽڪ نه رڳو سماجي گهرو جي??وت ج??ا نقش??ا۽پرچار بديء� خالف وڙهڻ هو. ۾ چٽيا ويا پر سنڌ جي اقتصادي جيوت کي به بحث هيٺ آندو ويو. ان ناٽڪ جي حوالي سان پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻيء� سنڌي نثر جي تاليف ڪيل ڪت??اب ’ ادبي گلش??ن‘

۾( لکيو هو: ”بٽئي ناٽڪ جو هن انتخاب وڌو ويو آهي سو هڪ1945 شايع 3)ڀاڱو ۾ ۽مکيه مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو.زميندار هارين ج??و هڪ ٻ??ئي ڏانهن ڪه??ڙو رخ�هي ۽ٿيڻ گهرجي؟ هارين اڄ ڪلهه سمجهه آئي آهي هو پنهنج??ا ح??ق ڇڪين ٿ??ا، ا ۽ ۾ زميندار جي اڳ هارين جي اڻڄاڻائيء� جو فائدو وٺي هنن کي تنگ ڪن??دا هئ??ا، تن کي ۾هارين اڳيان سر جهڪائڻو ٿو پوي. اه?ا بلڪ?ل س??چي تص??وير ان نن??ڍي ن??اٽڪ پيش

15ڪئي وئي آهي.“

ع تائين1945 پنهنجي ناٽڪن جي حوالي سان منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته” ۽مون ويه??ه، پنجويه??ه نن??ڍا ن??اٽڪ ڳنڀ??ير ، گه??رو، پنگ??تي ق??ومي مس??ئلن تي حقيقت�ن کي به??تر ۽نگاريء� جي قاعدن موجب لکيا، جن انساني جيوت کي پيش ڪرڻ ا ۾ بڻائڻ الءg ڪوشش ڪيم. منهنجو مت??و آهي ت??ه س??اهت کي ون??در س??ان گ?ڏ س??کيا پڻ۽ڏيڻي آهي منهنجو عقيدو آهي ته زندگيء� جون خاميون تڙي ڪ??ڍجن انس??ان ذات ۽ کي خوشحال ڪرڻ الءg ناٽڪ ڪري ڏيکارڻ جهڙو ٻيو ڪو ڪارائتو واهڻ ڪونهي. ڇو جو زندگيء� جا منظر اسٽيج تي اکئين ڏسڻ سان ج?و ت??اثر پي??دا ٿ??ئي ٿ??و، س??و ڪتب

16۾خاني ڪتاب پڙهڻ سان ٿي ڪين سگهندو“.

پروفيسر منگها رام ملڪاڻيء� کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سندس ناٽڪ ”۾ٽي پ??ارٽي“ اردوء� ترجم??و ڪ??ري ري??ڊيو ن??اٽڪ جي ص??ورت آل ان??ڊيا ري??ڊيو ت??ان ۾

۾ع نشر ڪيو ويو. 1943gڃ�“ ج??و مکي??ه ڪ??ردار س??ندس منگه??ا رام ملڪ??اڻيء� جي ن??اٽڪ ” پ??اپ ڪين پ س?ڳي پڦي ڪم?اري چ?تر ٻ?ائي ه?ئي. جيڪ?ا اڃ?ا ٻن ٽن ورهين جي ه?ئي ت?ه ڪنهن بيماريء� سبب اکين جو نور وڃائي ويٺي. ساڌو هيرانن?د کيس گه?ر تعليم ڏيڻ اين?دوڌ هئي ته جن کي نرت ڪانهي، تن کي وديا ڏئي س??گهجي ۾هو. ” تنهن دؤر کيس س� ٿي. هو ڪماري چتر ٻائي کي انگري??زيء� جي تعليم ڏيڻ الءg هندس??تان جي ج??دا ج??دا

( سکي آي??و. جنهن س??ان ه??وء� گه??ڻي ق??در انگري??زيBrillieشهرن مان وڃي، پاڻ ) س??کي وئي ه??ئي. س??اڌو هيرانن??د جي چ??االڻي بع??د هن ’ ب??رل سس??ٽم‘ وس??يلي

179ع، ص. 2007ملڪاڻي منگها رام، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 15۽پرڪاش پريم، سنڌي ناٽڪ )ورهاڱي بعد سنڌي ناٽڪ رنگ منچ جي چڪاس، اؤسر سمالوچنا(، سنڌي ڊراما 16 ۽

359ع. ص. 2004ورڪشاپ احمد آباد،

13

Page 14: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

۾سنسڪرت به سکي. هن ڪي??ترائي ڪت??اب انگري??زي، سنس??ڪرت س??نڌيء� ’ ۽17برل سسٽم‘ تحت پاڻ لکيا“.

۾تنهن زماني منگهارام ملڪاڻي جيئن ته وڏي بهادريء� سان سماجي خ??رابين کي وائکو ڪيو، تنهن ڪري مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي، تڏهوڪين اخبارن س??ندس خالف باهه ٻاري ڏني، هن کي همٿائڻ بدران مٿس الزام مڙهيو ويو ته هو معاش??ري ۾ فحاشي پيو ڦهالئي. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته مرزا قليچ بي??گ پهري?ون م??اڻهو هو ، جنهن سنڌي ناٽڪ کي ڌرمي اثر مان ٻاهر ڪڍي نج اصالحي مقصدن الءg ڪتب ۽آندو. سندس پوئواري ڪشنچند بي??وس خانچن??د دري??اڻيء� ب??ه ڪ??ئي، پ??ر معاش??رتي اوڻاين کي جنهن طريقي سان پروفيسر منگهارام ننگو ڪيو، ان جو ردg عمل ته اچڻو۾ئي هو. پر هن تنقيد اصالح جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪئي. سندس ن??اٽڪن ۽

الف ليلوي داستان يا ليلي� مجنون جي عش??ق جي قص??ن ب??دران س??نڌي س??ماج ج??ا جيئر جاڳندا ڪردار سندس ناٽڪن جا موضوع هئا. ان تنقيد تي پنهنج?و بچ?اء� ڪن?دي۾هن ” پنگتي پردا“ جي مهاڳ لکيو هو ته ” جهوني زماني جا افس??انا، جن دي??ون، ۾۽پرين جون ڪرامتون راجا راڻين جا ڪارناما هوندا هئا، ي??ا عش?ق جن??گ جي ب??ازار ۽ ۾گرم هوندي هئي، سي اڄ ناٽڪي ص??ورت آڻجن ت??ه جيڪ??ر عجيب ي??ا ن??اممڪن پي??ا ۾لڳن. اڄوڪي زماني ع??ام م??اڻهو جي ڪش??مڪش اي??تري ق??در وڌي وئي آهي ج??و۽جيوت سٺائي سهڻائي خير ڪا وڃي رهي آهي. اس??ان جي گه??رو، پنگ??تي ق??ومي ۾ زندگي اوڻ?اين س?ان ٽمٽ?ار آهي. شيڪس?پيئر جي گف?تي م?وجب، جيڪ?ڏهن ’ ن?اٽڪ�نهن اوناين کي آڻڻ کانسواءg رهي نٿ??و ۾زندگيء� جي آرسي آهي‘ ته اڄوڪن ناٽڪن ا

18سگهجي“.

پروفيسر ملڪاڻيء� جي ناٽڪ ’ ناخلف‘ جو مکيه ڪردار ملڪاڻي صاحب ج??و�ڌارام، عالمچن??د کي ريهي بيهي �ڌارام س??ندس نن??ڍو ڀ??اء� عالمچن??د آهن. ” ا ۽پيء� ا ۾پنهنجي زمينداري ڪم لڳائڻ ٿي چاهيو، پر عالمچند جي دل ننڍپڻ کان ئي سنگيتg۾ط??رف مائ??ل ه??ئي. ن??اٽڪ ج??و اه??و نوج??وان پيء� جي ٺيڪن جي ڪمن وڃڻ بج??اء

19بمبئيء� وڃي سئنيما جو فن سکڻ ٿو چاهي“.

ان ناٽڪ جو مطلب اوالد تي زور زبردس??تي ڪ??رڻ ب??دران انهن جي رهنم??ائي ۽ڪرڻ، سندن ڳالهه ٻڌڻ پنهنجي ڌيان موجب مستقبل جي چونڊ ڪرڻ آهي. اه??ڙي ئي ڪهاڻي تي مشتمل بالي ووڊ جي سنڌي هدايتڪار راجڪمار هيراڻيء� جي فلم ” ۾ٿ?ري اڊيٽس“ آهي. جنهن نوج?وانن کي پنهنجي مس?تقبل ج?و فيص?لو پنهنجي ذهن

آهر ڪرڻ جي ڳالهه تي زور ڏنل آهي.

436ع. ص. 2006آڏواڻي ڀيرو مل مهر چند، سنڌ جي هندن جي تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 17179ع، ص. 2007ملڪاڻي منگها رام، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 18

191ع. ص. 2005، ملير آديپور ڪڇ. 6، اسان جو ادب 4کالڻي لکمي، رچنا ياترا 19

14

Page 15: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

۽پروفيسر ملڪاڻيء� جي ٻن ناٽڪن ’ ٻي زال‘ ’ ٻه باهيون‘ جي ڪهاڻي پهرين ۽زال جي گ??ذاري وڃڻ بع??د ٻي ش??اديء� تي مش??تمل آهي. اه??ا ڪه??اڻي ب??ه حقيقي �ڌارام پهرين زال جي گ??ذاري وڃڻ ملڪاڻي صاحب جي گهر جي آهي. سندس والد ا ۽بعد ٻي شادي ڪئي. جنهن سبب منگها رام سندس ڀاء� عالمچند کي ماٽيلي ماء� جا عذاب سهڻا پيا. هنن ناٽڪن وسيلي ٻي شاديء� جا ناڪ?اري اث?ر س?امهون آن?دا وي?ا.۾جڏهن ته انهن ناٽڪن وڏي عمر جوان ڇوڪريء� سان شادي ڪرڻ جي نقص??انن ۾ کي به ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي قسم جو ناٽڪ سندس دلي دوست خانچند دري??اڻي ”

جيئري تي جيئري“ لکيو هو.

�جڙي ٿو وڃي، اهو سبق پرائي، منگها ۾” گهر ماٽيلي ماء� اچڻ سان اهو گهر ا ۾رام وچولي وهيء� پنهنجي زال جي گذاري وڃڻ بعد، ٻارن جي سک خاطر. پاڻ ٻي

س??ندس اڪيالئي20۽شادي نه ڪئي ائين باقي عمر اڪيالئپ جي زندگي ڪاٽيائين“. ۾جو احساس اسان کي سندس ٻين ناٽڪن ’ دل دماغ‘ ، ’ اڪيلي دل‘ ’ ٻ??ه ڀي??نر ‘ ۽ ۽

به نظر اچي ٿو.

۽سندس ناٽڪ ’ ٻه ڀينر‘ ’ دل دم??اغ‘ ٽيوش??ن پڙهن??دڙ ٻ??ه ن??ارين س??ندس ۾ ۽ ۽ استاد جي عشق تي لکيل آهي. اهو استاد ڪو ٻيو نه پر خ??ود ملڪ??اڻي ص??احب ه??و. مطلب نيڪيء� جي شروعات گهر کان ڪجي، جي مصداق هن تنقيد جي ش??روعات ۽به پاڻ پنهنجي خاندان تي ڪئي آهي. اهڙو ناٽڪ ن??ويس ورلي ٿ??و نظ??ر اچي. انهنgنهن ماستر ڪردارن جي طرفداري ڪندي هو چ??وي ٿ??و ت??ه ” اهي ۾ناٽڪن پنهنجي ا۽به انسان آهن، جن جي اندر دل آهي پاڙهيندي پاڙهيندي، جي دليون اٽڪي ويون ۾

�ن گناهه آهي“. پروفيسر ملڪاڻي ج??و ن??اٽڪ ’ ٽي21۾ته عجب ڪونهي، نڪو ڪو ا ۽پارٽي‘ تمام گهڻو مقبول ويو اڄ تائين اسٽيج ٿيندو پيو اچي. س??ندس ٻي??و اهم

ناٽڪ ’ ليڊيز ڪلب‘ آهي. هن ناٽڪ جو موضوع سماجي الڳاپن الءg ڪلب ويندڙ عورتون۾آهي، جنهن ٻڌايو وي??و آهي ت??ه لي??ڊيز ڪلبن عورت??ون خ??راب ڪ??يئن ٿين ٿي??ون، اه??و ۾

۽موضوع به اڄ جو ٿو لڳي. ناٽڪ ’ سمنڊ جي گجڪار‘ ، ’ ڪوڙو ڪلنڪ‘ ’ جيون ناس‘ سندس جي عشقن تي منحصر آهي. هو پاڻ به ان جو اعتراف ڪري ٿو. اهي ٽئي

۾ناٽڪ هن سنڌ لکيا هئا، جنهن هن جي جوانيء� جي عشقن جا داس??تان هئ??ا. هن ن??اٽڪن ۾ ۾ ٻن پريمين کي ان ڪري ڌار ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي، جو سندن ميالپ م??ائٽن کي پس??ند

ڪونهي.

ملڪ??اڻي ص??احب ڪي??ترو ن??ه دور ان??ديش ه??و، ان ج??و ان??دازو ان ڳاله??ه م??ان۾ع ناٽڪ ’ اوالد ‘ ڪئي هئي.1932سگهجي ٿو ته هن ڪٽنبي رٿابنديء� جي ڳالهه ۾

gن ناٽڪ وسيلي اهو پيغام ڏنو ه?و ت?ه رٿابن?ديء� کانس?واءg اوالد ڄڻن عقلمن?دي هن ، ا ناهي. ان ناٽڪ جو هڪ مڪ??المو ڪي??ترو ن??ه اثرائت??و آهي. ” اه??و جهون??و زم??انو ه??و،

192ساڳيو. ص. 20200ساڳيو، ص. 21

15

Page 16: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

ني وٺب??و ه??و. پ??ر هن ڪٺن g??۽جڏهن اوالد هڪ نعمت سمجهيو ويندو هو پ??يرن ک??ان پ ۾سمي جڏهن ويلي ويلي الءg لٺ لڳي پئي آهي، تڏهن بنا هوند جي بي خي??الو ٿي اڌ

�گهاڙا، اڌ بکايل ٻار پيدا ڪرڻ ڀاري گناهه آهي“. 22ا

۾هن تڏهوڪين هندن خاص طور تي مٿ??ئين طبقي ع??املن تي ط??نز ’ ميالپ‘ ڪئي آهي. اهو ناٽڪ هڪ عامل ڇوڪري جي م??ائٽن جي مرض?يء� خالف ش??ادي تي۾آهي، جنهن کي ساهرن به سڪ نه ٿو ملي. هن اهو ناٽڪ سنڌ لکيو هو، پر بعد ۾ ۾

۾ان ڪردارن جي ڪجهه ڦير ڦار ڪري هند به ڇپ??ايو ه??و، جيڪ??و اتي منچ تي ب??ه ۾آيو. سندس ناٽڪ ’ پريت جي ريت‘ جو موضوع سس ننهن جا جهيڙا آهن.

سندس ناٽڪ ’ پريم جي سيجا‘ کي سڄي هندس??تان جي به??ترين ايڪ??انڪيء� جو ايوارڊ به مليو هو. جيڪو زال مڙس جي الڳاپن تي مشتمل ناٽڪ آهي. هن ناٽڪ۾ عورت کي مرد خراب ڪ??رڻ ڪه??ڙو ڪ??ردار ادا ڪ??ري ٿ??و ، اه??و ڏيکاري??ل آهي. ۾

15ملڪاڻي صاحب جي ناٽڪ ’ پاپ ج??ون پ??اڙون‘ ج??و موض??وع هڪ پيرس??ن پ??اران سالن جي جوانڙيء� س?ان زبردس?تي ڪ?رڻ جي ڪوش?ش آهي. اه?و هڪ نفس?ياتي ناٽڪ آهي. هن جي ناٽڪ ’ پيريء� جو توشو‘ جي ڪهاڻي به تم??ام دلچس??پ آهي ت??ه ۽ڪيئن نه هڪ انجني??ئر س??ڄي عم??ر رش??وت جي ڪم??ائي ک??ائي ٿ??و گه??ر ڀ??اتين کي ۾کارائي ٿو. رٽائرمينٽ بعد گهر ڀاتي ساڻس جيڪي ڪجه??ه ڪن ٿ??ا اه??و هن ڊرامي

ڏيکاريو ويو آهي. نيٺ هو گهر ڇڏي فوٽ پ??اٿ تي اچي ويهي ٿ??و. ملڪ??اڻي ص??احب ۾جي گهر واري سندس جوانيء� ئي چاالڻو ڪري وئي ه??ئي، پ??وءg هن ٻي ش??ادي ن??ه ڪئي. ان ڪهاڻيء� کي هن پنهنجي ناٽڪ ’ پيري‘ جو به موض??وع ٺ??اهيو آهي ت??ه م??رد ۽الءg جي??ون س??اٿي ن??ه هئڻ س??بب ڪه??ڙا مس??ئال پي??دا ٿين ٿ??ا. اهي مس??ئال س??ماجي

نفسياتي آهن.

۾’سونهن جو نماء�‘ آفيسن ڪم ڪندڙ اهڙين ڇ??وڪرين کي بحث هيٺ آن??دو ۾

۽وي??و آهي، جيڪي ڪم ڪ??رڻ ب??دران پنهنجي س??ونهن جس??م جي نم??اء� س??ان اعلي� ۾آفيسرن کي هرکائين ٿيون. اهي اوور ٽائين جي بهاني دير تائين آفيسن ويهي، ب??اال۽عملدارن جي دل وندرائين ٿيون. جنهن سنا معاش??ري ب??داخالقي بي حي??ائي وڌي ۾ ٿي. اهڙيون ڇوڪريون مائٽن سان به ويساهه گهاتي ڪن ٿيون. ناٽڪ ’ کڙ کٻيت??ا پي??ا ۽ٽمڪن‘ جو موضوع ڇوڪرن ڇوڪرين جي شاديء� کان اڳ ميالپ تي آهي. ’ روپ۽ ڪال‘ ناٽڪ اسٽيج تي ڪم ڪندڙ اداڪارن هدايتڪارن جي مسئلن کي چٽيو وي??و ۾ ۽ ۾آهي. ڀ??ارت رچي??ل س??ندس ن??اٽڪ ’ ه??و گليء� جي ڪن??اري‘ ب??ه هن جي شخص??ي ۾آزمودي تي منحصر ڪهاڻي آهي. جنهن هڪ مرد جي زال جو ٻئي م??رد س??ان ٺهي

۾وڃڻ ان مرد جا پنهنجي نوڪرياڻيء� سان الڳاپا بحث آندا ويا آهن. ۽

195ساڳيو. ص. 22

16

Page 17: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

ملڪاڻي صاحب جا ورهاڱي کان اڳ لکيل ناٽڪ گهڻو تڻو س??ماجي اوڻ??اين کي ۽وائکو ڪرڻ وارا ورهاڱي کانپوءg وارا ناٽڪ انسان جي اندر جي نفسياتي پيچي??دگين جي موضوع تي آهن. ملڪاڻي صاحب کي پنهنجو ناٽڪ ’ ٽي پارٽي‘ گهڻو وڻن??دو ه??و.�گ??را ن??اٽڪ س??ڏي هن جي ناٽڪن جا موضوع تمام گهڻا حقيقي هئڻ سبب انهن کي ا سخت تنقيد به ڪئي وئي. جنهن جو هو هميشه ج??واب ڏين??دو رهي??و. پنهنجي س??اٿي ۾گوبند مالهيء� جي تنقيد جو جواب هن ’ کڙ کٻيتا پي??ا ٽمڪن‘ مجم??وعي جي مه??اڳ

هن ريت ڏنو آهي. ” ڪجهه وقت کان ڪن نقادن جو رايو آهي ته منهنجي ناٽڪن جا(، انتظ??ار )Conflict۽موضوع بيشڪ ن??وان بي ب??اڪ آهن، پ??ر منجهن ڪش??مڪش )

Suspense( عروج )۽Climaxج??ون ن??اٽڪي خاص??يتون گهٽ آهن. اه??ا ش??ڪايت ) مون الءg ڌڌڪو ڏيندڙ آهي. م?ون نن?ڍي هون?دي ک?ان وٺي س?يڪڙو )س?وين( س?نڌي، ۽اردو، گجراتي، مرهٽي، بنگالي انگريزي ناٽڪ شوق سان ڏٺا آهن. جوانيء� کان برد۽اوسٿا )پيري( تائين اسٽيج ريڊيو الءg ناٽڪ لکيا ڪاميابيء� سان ڪري ڏيکاري??ا اٿم ۽ ۽ ۾منجهن پارٽ به ادا ڪيا اٿم. گويا مان پليو نپنو ئي رنگ ڀوميء� جي مانڊاڻ آهي??ان. تنهن هوندي به بنيادي ناٽڪي خاصيتون مون گرهڻ نه ڪيون هجن، م?ون الءg ح?يرت

23جي ڳالهه آهي“.

منگهارام ملڪاڻيء� ج?ا ن?اٽڪ س?ماجي خ?رابين کي وائک?و ڪ?رڻ جي ح?والي ۾سان وڏي اهميت وارا آهن، جيڪي هندستان ته ايڪڙ ٻيڪڙ پيش ٿيندا رهن ٿا، پ??ر

۾ع س??نڌي ن??اٽڪ ص??ديء� جي م??وقعي تي1980س??نڌ س??ندس ن??اٽڪ ’ ٽي پ??ارٽي‘ ۾ڏيکاريو ويو هو. سنڌ ٽيلي ويزن ناٽڪن جي مقبوليت سبب اسٽيج ن??اٽڪن ج??و زور ۾ٽٽي ويو آهي. جيڪي ناٽڪ پيش به ٿين ٿا، انهن سنجيدگيء� جو ڪو پهلو نه هون??دو آهي، پر اهي مزاحيه چهچٽا هوندا آهن، جن جو مقصد ڪو اصالحي پيغام ڏيڻ نه پ??ر ۾ڏسندڙن جي دل ون??درائڻ الءg کين کالئي کالئي پيٽ س??ور وجهڻ هون??دو آهي.ت??ازو ۾ڪراچيء� آرٽس ڪائونسل پاران سنڌي ناٽڪ کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش ڪ??ئي وئي آهي، اهو سلسو اڳتي وڌڻ گهرجي. ٻيو ته ملڪاڻي صاحب جا ناٽڪ ٽيلي ويزن تي ڏيکارڻ جي پوري صالحيت به رکن ٿا. ان طرف ضرور ڌيان ڏيڻ گه??رجي.ج??يئن ۾سنڌ اسٽيج ناٽڪن جو فن پورو ٿي چڪو آهي، ساڳئي ريت ٽيلي ويزن ڊرامن مان ۽به اصالحي پهلو ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو آهي، هاڻي ڊراما مڪمل طور ڪمرشل بي مقصد ٿي چڪا آهن. تنهنڪري ضررت ان ڳالهه جي آهي ته ڊرامن کي وندر ب??دران سماجي خرابين جي اصالح جو واهڻ بڻايو وڃي، جيڪو ڊرامي جو اصل مقصد آهي.

حواال:

115ع، ص. 1998لڇاڻي جڳديش، ساهتيه جي پرک، ويڻا پبليڪيشن، .1

121ساڳيو، ص. .2

212،213ساڳيو، ص. 23

17

Page 18: Father of sindhi one act play, prof mangha ram malkani

۽پرڪاش پريم، سنڌي ناٽڪ )ورهاڱي بعد س??نڌي ن??اٽڪ رن??گ منچ جي چڪ??اس، اؤس??ر .3 ۽358ع. ص. 2004سمالوچنا(، سنڌي ڊراما ورڪشاپ احمد آباد،

روش??ني پبليڪيش??ن، ڪن??ڊيارو،آڏواڻي ڀ??يرو م??ل مهرچن??د، س??نڌ جي هن??دن جي ت??اريخ، .4430ص. 2006

430ساڳيو. ص. .5

435ساڳيو. ص. .6

436ساڳيو. ص. .7

4ع، ص. 2011 مارچ 25شورو شوڪت حسين، روزاني ڪاوش حيدرآباد، .8

ساڳيو. .9

14ع، ص. 2007ملڪاڻي منگها رام، سنڌي نثر جي تاريخ،سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، .10

4ع، ص. 2011 مارچ 25شورو شوڪت حسين، روزاني ڪاوش حيدرآباد، .11

ساڳيو.12ساڳيو.13190ع. ص. 2005، ملير آديپور ڪڇ. 6، اسان جو ادب 4کالڻي لکمي، رچنا ياترا .14

179ع، ص. 2007ملڪاڻي منگها رام، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، .15

۽پرڪاش پريم، سنڌي ناٽڪ )ورهاڱي بعد س??نڌي ن??اٽڪ رن??گ منچ جي چڪ??اس، اؤس??ر .16 ۽359ع. ص. 2004سمالوچنا(، سنڌي ڊراما ورڪشاپ احمد آباد،

آڏواڻي ڀ??يرو م??ل مه??ر چن??د، س??نڌ جي هن??دن جي ت??اريخ، روش??ني پبليڪيش??ن ڪن??ڊيارو،.17436ع. ص. 2006

179ع، ص. 2007ملڪاڻي منگها رام، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، .18

191ع. ص. 2005، ملير آديپور ڪڇ. 6، اسان جو ادب 4کالڻي لکمي، رچنا ياترا .19

192ساڳيو. ص. .20

200ساڳيو، ص. .21

195ساڳيو. ص. .22

212،213ساڳيو،ص. .23

------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------

Published in Karoonjhar Research Journal of Fedral Urdu University Karachi, June 2014

18